مخدوم محمد زمان صاحب ” طالب المولى جي شاعري "
عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا؛
و_ڏا سردار مٽجي ويا ، وڏا ڀوتار مٽجي ويا.
اهواخلاق ، اها الفت ، اها تهذيب ڪانهي ڪا؛
غريبن ۾ اڃان ڪجهه آهي پر زردار مٽجي ويا.
ويو ويچارو سچ گم ٿي رڳو ئي ڪچ وڪامي ٿو؛
لڏي ويا وِير واپاري خود واپار مٽجي ويا.
پِتل کي سون سمجهن ٿا ، چون ٿا هيرو شيشي کي؛
ڏسو ڇا ٿي ويو هڪدم جو سڀ وينجهار مٽجي ويا.
نه عزت هاڻ اشرافت جي محفوظ آهي اي يارو؛
وڏن تي ڇا ميار آهي جو ننڍڙا ٻار مٽجي ويا.
جي ليلا اڄ هجي ها ، ور مٽي ها ڪين مڻين تي؛
قسم رب جو ته هيرن جا اڄوڪا هار مٽجي ويا.
پرا ون تي ڀلا ڪهڙيون ميارون ”طالب المولى“؛
هو ننڍپڻ جا ئي ساٿي نيٺ ڪارا وار مٽجي ويا.
مخدوم محمد زمان صاحب
سنڌ ديس جا او واسي
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هوندي خاصي
سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو
آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو
رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسي
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي
پنهنجي ته آشيان جو، سپنن جي ساڀيان جو
هر گام همرچي سان سُوراج آجيان جو
اعلان جلد ٿيندو، ٻُڌندا خبر خُلاصي
سنڌ ديس جا او واسي ڇا لئه رهو اُداسي
ڪنهن جي نه ڪاڻ هُوندي، ميزان ساڻ هوندي
انصاف جي ته ديوي ايمان ساڻ هُوندِي
تُرندي نه ساهمي ڪا هي ناز هيڪ پاسِي
سنڌ ديس جا او واسي ڇالئه رهو اُداسي
مولا ڪندو سڻائي هر ڳالهه هُوندِي خاصِي
نثاراحمد ناز
ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن
مور نه چِت تي چڙهندا آهن، ناتو ٽوڙي ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو عيسى بڻجي، مُرده دليون روز جيارين
مِهَر محبت وارا خيما، جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن
ڪي، ڪي ماڻهو ماکي، مصري، سورج کان وڌ روشن روشن
هر ڪنهن جي دل اندر يارو، جابون جوڙي ويندا آهن
ڪي، ڪي ماڻهو رُڃ جا راهي، سسئيءَ وانگي پنڌ پڇائي
من جي مقصد ماڻڻ خاطر، بَرترَ ووڙي ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو رڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا
رانجھو واريءَ رَمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير
سچ مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن
منير سولنگي
حميد شهيد هالائي جي شاعري
غزل
دل بـه آ خــالي، کــيـسي وانگر
،خالي فقير جي ڪشتي وانگر
.اونداهين ۾ گم ٿي وڃين ٿو
،مون کان پنهنجي پاڇي وانگر
.پاڙي وارن کان به لڪايان
،درد، حرام جي پئسي وانگر.
جڳ جي موج ۽ مستي ٽي ڏينهن،
ڀـــٽ ڌڻــي جـــي مــيـلـــي وانـگــر
تو سان منهنجو انگ اٽوٽ
ڌرتـــي ماءُ جي رشتي وانگر
.روز غـــمـن تــي ويــاج وڌي
ميمڻ سيٺ جي ليکي وانگر
حميد شهيد هالائي
No comments:
Post a Comment